جديد عالمي سياست

جديد عالمي سياست

جديد عالمي سياست

جديد عالمي سياست (ڪتاب ):هي ڪتاب سـنـڌ جـي مفـڪـر، دانـشــور ۽ سـيـاسـي رهنـمـا جي. ايم. سيد لکيو آهي. هن ڪتاب کي 9 فصلن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب جي پيش لفظ ۾ مصنف، اسلامزم، ڪميونزم، فاشزم، جمهوريت جي حقيقتن کي چٽو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي فصل پهرين ۾ اوائلي تشريح، فصل ٻئي ۾ جرمني، هٽلر، جنرل گوئرنگ، جنرل گوبلس، ڊاڪٽر شاخت، فصل ٽئين ۾ اٽليءَ جي مسوليني، فصل چوٿين ۾ انگلينڊ جي سرونسٽن چرچل، سوويت يونين، جوزف اسٽالن، فصل ڇهين ۽ ستين ۾ فرانس جي ڊاڊليئر، اسپين جي جنرل فرئنڪو، فصل اٺين ۾ چين جي چيانگ ڪائي شيڪ ۽ مائوزي تنگ ۽ فصل نائين ۾ جنگ جو احوال ۽ ٻيا مضمون شامل آهن. 100 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 4 روپيا آهي ۽ هيءُ ڪتاب سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ شايع ڪرايو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو